گمبٽ: ڪوڙن ڪيسن ۽ دڪان بند ڪرائڻ خلاف جي يو آءِ پاران احتجاج جو چتاءُ

news

گمبٽ ( رپورٽ: ادريس عباسي)جي يو آءِ اڳواڻ  مولوي نعمت الله شيخ، گل محمد مري، اسد الله شيخ ۽ ٻين جي گمبٽ پريس ڪلب ۾ گڏيل پريس ڪانفرنس دوران ھنن چيو تہ شيخ چوڪ تي گئوشالا ڀرسان ٺهيل دڪان جا اسان وٽ اصل ڪاغذ موجود آهن بنا جواز مختيارڪار دڪان سيل ڪري ناجائزي ڪئي آهي.

پراپرٽي جا سيل سرٽيفڪيٽ اسان وٽ موجود آهن مختيارڪار ۽ اي سي گمبٽ ونگهارو بڻيل آهن جن زبردستي دڪان بند ڪرايا آهن،ڊي سي خيرپور خاطر خواه جواب ناهي ڏنو، شهرين مٿان مختيارڪار ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا آهن.

پريس ڪانفرنس ڪندڙن مطالبو ڪيو ته جلد ڪوڙا ڪيس ختم ڪري دڪان کولڻ جي اجازت ڏني وڃي ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.