مبارڪپور:ارڙي ۾ گهٽتائي نه ٿي، ٻارڙو فوت، امڙ کي بيهوشي جا دورا

news

مبارڪپور(رپورٽ:مهر قربان علي) مبارڪپور جي ڀٽا محلا ۾ ارڙيءَ جي مرض ۾ مبتلا 2 ورهين جو معصوم حسيب الله پٽ وسيم ڀٽو فوت ٿي ويو آهي، سندس گهر ۾ ڪهرام متل آهي، ٻارڙي جي لاش مٿان امڙ روئيندي بي هوش ٿي وئي، نينگر جي وارثن ٻڌايو ته گذريل 5 ڏينهن کان ننڍڙو ارڙيءَ جي بيماريءَ ۾ مبتلا هيو،  معصوم نينگر جي جنازه نماز کان پوءِ اباڻي قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو.

جڏهن اڃان ڪيترائي ٻارڙا ارڙي جهڙي موذي مرض ۾ مبتلا آهن، صحت کاتو بي خبر بڻيل آهي، شھر واسين جو چوڻ ھو ته صحت کاتي کي گهرجي ته نوٽيس وٺي فوري طور تي اڙري کي روڪڻ گھرجي ته جيئن وڌيڪ جاني نقصان کان بچي سگهون.