جيڪب آبا:موٽرسائيڪل ڦر دوران مزاحمت تي نوجوان قتل، وارثن پاران روڊ بلاڪ

news

جيڪب آباد(رپورٽ:عبدالنبي مگسي) جيڪب آباد ويجهو موٽرسائيڪل ڦر دوران مزاحمت تي پير ڳوٺ واسي نوجوان قتل، نوجوان جي وارثن جو واقعي واري هنڌ قومي شاهراهه تي لاش رکي ڌرڻو روڊ بلاڪ، بلاول ڀٽو زرداري جي آمد سبب روڊ کولرائڻ لاءِ پوليس ۾ ٿرٿلو متل، مظاهرين کي منٿون، مظاهرين ڊي سي کي روڪي ورتو، ٽن ڪلاڪن کانپوءِ ڌرڻو ختم خبر موجب

 جيڪب آباد ويجهو آباد ٿاڻي جي مڱريو لاڙي وٽ نامعلوم ھٿياربندن موٽرسائيڪل ڦر دوران مزاحمت تي پير ڳوٺ جي ڳوٺ وڏا ماڇي جي رھواسي 45 ورھين جي نثار احمد جاگيراڻي کي مٿي ۾ گوليون هڻي ڇڏيون جنهن سبب نوجوان ٿڏي تي فوت ٿي ويو، ھٿياربند موٽرسائيڪل ڪاھي فرار ٿي ويا، اھڙي اطلاع بعد حد جي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي نوجوان جو لاش پنهنجي تحويل ۾ وٺي سول اسپتال منتقل ڪيو.

پوليس جي اطلاع بعد مقتول نوجوان جا وارث وڏي انگ ۾ سول اسپتال پھچي ويا، نوجوان جو لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو جڏهن ته پوليس واقعي کي پراڻي دشمني جي رنگ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن تي مقتول جا وارث مڇرجي پيا، مقتول جي وارثن لاش کڻائي قومي شاهراهه تي واقع واري ھنڌ پھچي ڌرڻو هنيو جنهن سبب سنڌ بلوچستان ۽ پنجاب طرف ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي.

مقتول نوجوان نثار جاگيراڻي جي سؤٽ مير خان جاگيراڻي ٻڌايو ته سؤٽ کي جيڪب آباد ايندي ڦر دوران بيدرديءَ سان قتل ڪيو ويو پر پوليس واقعي کي ذاتي دشمني قرار ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي، اسان جي ڪنهن سان به دشمني ناهي يقين ڌياني ڏياريو ويو آهي ته جلد جوابدار گرفتار ڪيا ويندا.