برطانوي پارليامينٽ ميمبر ناز شاهه پاڪستان کي ريڊ لسٽ ۾ شامل ڪرڻ جي مخالفت ڪري ڇڏي

news

لنڊن: (ڇنڇر 03 اپريل2021ع) برطانوي پارليامينٽ ميمبر ناز شاهه برطانيه ۾ ڪورونا جي حوالي سان پاڪستان کي ريڊ لسٽ ۾ شامل ڪرڻ جي مخالفت ڪري ڇڏي آهي.

هن ان سلسلي ۾ برطانوي پرڏيهي سيڪريٽري کي خط به لکيو آهي. پاڪستان کي ريڊ لسٽ ۾ شامل ڪرڻ جي مخالفت ڪندي برطانوي پارليامينٽ ميمبز ناز شاهه برطانوي پرڏيهي سيڪريٽري کي لکيل خط ۾ چيو آهي ته پاڪستان کي ريڊ لسٽ ۾ شامل ڪرڻ جو فيصلو سياسي آهي. ڀارت سميت ڪيترن ئي ملڪن ۾ ڪورونا جي شرح پاڪستان کان وڌيڪ آهي پر انهن کي ريڊ لسٽ ۾ شامل ناهي ڪيو ويو. ياد رهي ته ڪورونا وائرس جي وڌندڙ ڪيسن کي نطر ۾ رکندي برطانيه پاڪستان کي  ريڊ لسٽ ۾ شامل ڪيو آهي. پاڪستان ۾ موجود برطانوي شهري ۽ ريزيڊنسي ويزا رکندڙ ماڻهو ئي واپس برطانيه وٺي سگهندا. پاڪستان کي وزٽ ويزه اشو نه ٿيندو.

پاڪستان ۾ برطانوي  هاءِ ڪمشنر ڪرسچتن ٽرلر جو چوڻ هو ته هن قدم کان پوءِ صرف برطانيه جا شهري ۽ ريزيڊنسي ويزه هولڊر ئي برطانيه وڃي سگهندا. پاڪستانين جي لاءِ وزٽ ويزا تي پابندي هوندي. برطانيه پهچي ان شهرين کي به هوٽل ۾ قرنطينه جا 10 ڏينهن گذارڻا پوندا ۽ هوٽل جا خرچ به شهرين جي ذميواري هوندا. برطانوي هاءِ ڪمشنر جو چوڻ هو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ اڏامون جاري رهنديون پر ان جا شيڊول تبديل ڪري سگهجن ٿا.

ريڊ لسٽ ۾ اچڻ سان پاڪستان ۾ موجود 40 هزار کان وڌيڪ ٻٽي شهريت جا حامل پاڪستاني ۽ ڪشميري متاثر ٿيندا. 35 ملڪ اڳ ئي ريڊ لسٽ ۾ شامل هئا ۽ هاڻ پاڪستان سان گڏ فلپائن، بنگلاديش ۽ ڪينيا به ريڊ لسٽ ۾ شامل ٿي ويا آهن. پابندي 9 اپريل کان لاڳو ٿيندي.