وزيرستان جي نوجوان ڀارت جو عالمي رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو

news

پشاور: (ڇنڇر 03 اپريل2021ع) پاڪسان جي رانديگر عرفان محسود انڊيا جي رانديگر وربتاش چوڌري جو عالمي رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو.

رپورٽ موجب ڏکڻ وزيرستان سان تعلق رکندڙ رانديگر عرفان محسود هڪ منٽ ۾ 58 پش اپس ڪري ڀارت جو عالمي رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو. ڀارت جي روبتاش چوڌري 80 پائونڊ وزن سان گڏ هڪ منٽ ۾ 51 پش اپس ڪيا هئا ۽ 2010 ۾ اهو رڪارڊ ڀارت جي رانديگر روبتاش چوڌري وٽ هو جنهن کي اڄ پاڪستان جي عرفان محسود توڙي ڇڏيو.

عرفان محسود جو گڏيل طور تي اهو 41 وار، گينيز ورلڊ رڪارڊ آهي. ان کان اڳ عرفان محسود آمريڪا، برطانيه، عراق، اٽلي، فلپائن، مصر، ڀارت جا ڪيترائي رڪارڊ پاڪستان جي نالي ڪري چڪو آهي. ان حوالي سان عرفان محسود چيو آهي ته رڪارڊ ٺاهڻ جي لاءِ ڏينهن رات محنت ڪئي ۽ هاڻ ڀارت جور ڪارڊ ٽوڙي تمام گهڻي خوشي محسوس ڪري رهيو آهيان.

هن چيو ته ڀارت جو رڪارڊ ٽوڙي وڏي خوشي ٿيندي آهي. هن مستقبل ۾ به پاڪستان لاءِ ڪاميابيون حاصل ڪرڻ جا ارادا ظاهر ڪيا.