آمريڪا ايران تي لڳايل سموريون غيرقانوني پابنديون ختم ڪري: چين

news

بيجنگ: (ڇنڇر 03 اپريل2021ع) چين چيو آهي ته ايران تي لڳايل سموريون غيرقانوني پابنديون ختم ڪري آمريڪا ٻيهر کان عالمي ايٽمي معاهدو جو حصو بڻجي وڃي ته سندس آجيان ڪنداسين.

عالمي خبرون ڏيندڙ اداري موجب چين جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان هوا چوننيننگ چيو آهي ته آمريڪا عالمي ايٽمي معاهدي تان هڪطرفو هٿ کنيو ۽ ايران تي پابنديون لڳائي خطي ۾ ڇڪتاڻ ۽ تڪرارن ۾ واڌ ڪئي آهي.

چيني پرڏيهي وزارت جي ترجمان چيو ته آمريڪا جي عالمي جوهري معاهدي ۾ واپسي بابت ايراني اختيارين ۽ وائٽ هائوس انتظاميه وچ ۾ هلندڙ ڳالهين جي آجيان ڪندي مطالبو ڪيو ته آمريڪا ايران مٿان لڳايل پابنديون ختم ڪري. هوا چوننيننگ وڌيڪ چيو ته جوائنٽ ڪمپري بينسوپلان آف ايڪشن يعني ايران جي عالمي ايٽمي معاهدي ۾ چين جو ڪردار منصفاڻو ۽ تعميري رهيو آهي جڏهن ته آمريڪا معاهدي تان هٿ کڻي خطي ۾ تڪرارن جو سبب بڻجيو.

چين آمريڪا طرفان ٻين ملڪن تي ايران مان تيل خريد ڪرڻ جي پابندي کي به ختم ڪرڻ جي مطالبي کي تيز ڪري ڇڏيو جڏهن ته تازو ئي چين ۽ ايران 25 ساله معاهدي تي صحيحون ڪيون جنهن ۾ ٻنهي ملڪن ان معاملن تي هڪ ٻئي جي مدد جو واعدو ڪيو جن تي پابنديون لڳائي رکيون هيون.