ناني منهنجو هٿ روزاني پڙهي چوندي آهي ته تنهنجو دل صاف آهي: ماهره خان

news

لاهور: (ڇنڇر 03 اپريل2021ع) پاڪستان جي سپر اسٽار ماهره خان چيو آهي ته منهنجي ناني منهنجو هٿ روزاني پڙهندي آهي ۽ هر ڀيري هڪ ئي ڳالهه چوندي آهي ته تنهنجو دل صاف آهي.

انسٽاگرام تي ماهره خان طرفان گذريل ڏينهن پنهنجي ناني جي تصوير شيئر ڪندي هڪ پوسٽ رکي وئي. تصوير ۾ ماهره خان جي ناني کي ان جو هٿ پڙهندي ڏسي سگهجي ٿو. ماهره پنهنجي پوسٽ ۾ لکيو آهي ته بزرگ رحمت هوندا آهن. اداڪاره پنهنجي پوسٽ ۾ ٻڌايو ته منهنجي ناني منهنجو هٿ روزانو پڙهندي آهي ۽ هڪ ئي ڳالهه روزانو چوندي آهي ته  دل ته تنهنجو صاف آهي.

اداڪاره پنهنجي پوسٽ ۾ وڌيڪ لکيو ته منهنجي ناني ان ڳالهه  چوڻ کان ڪڏهن به رهي نٿي سگهي. ماهره خان جي پوسٽ کي مداحن طرفان هنيئر تائين لکين ڀيرا پسند ڪيو ويو آهي.