مسوڀرڳڙي: پ پ جو سرگرم اڳواڻ مولابخش مشوري فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو

news

مسوڀرڳڙي(رپورٽ: پانچورام) مسوڀرڳڙي ڀرسان ھٽڙي ۾ پ پ پ  ھاري ڪميٽي جو اڳوڻو سنڌ جو صدر ۽ موجوده پ پ جو سرگرم اڳواڻ  شھيد بينظير ڀٽو جو ويجھو ساٿي ۽ اڳوڻو ضلعي ڪائونسل جو ميمبر مولابخش مشوري ڪافي عرصو بيمار رھڻ بعد  73 سال جي ڄمار ۾ ھن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو، جنھن کي اباڻي قبرستان مست علي شاهه ۾ دفنايو ويو. 

هو 1972ع ۾ ھي پ پ ذيلي ونگ سپاف جو ضلعي صدر حيدرآباد ٿيو، 75-1974ع ۾ پ پ تعلقي حيدرآباد جو صدر منتخب ٿيو، 1978ع ۾ شھيد راڻي محترمہ بينظير ڀٽو سندس ڳوٺ چانھہ پيئڻ آئي، ان بعد کيس سٽي لاڪ اپ ۾ ھڪ مهينو نظر بند ڪيو ويو، 1979ع ۾ لوڪل باڊيز جي اليڪشن ۾ حصو وٺي بنا مقابلي ضلع ڪائونسل جو ميمبر چونڊيو، 82-1981ع مولا بخش مشوري پ پ رابطہ ڪميٽي ۽ ڊويزنل رابطہ ڪميٽي ميمبر بنيو۔ 1983ع ۾ مٿين سڀني عهدن کي الوداع ڪري ايم آر ڊي تحريڪ ۾ گرفتاري پيش ڪئي ۽ هڪ سال اذيت ۽ صعوبتن ۾ هڪ سال قيد ڪاٽيو، 85-1984ع ۾ سنڌ پيپلز هاري ڪميٽي جي صدارت ماڻي سياسي جوهر ڏيکارڻ  شروع ڪيا، 1986ع ۾ ھٽڙي ۾ سنڌ ھاري ڪانفرنس ڪوٺائي جنهن ۾ وڏي چاھہ ۽ شوق سان شرڪت ڪري مولا بخش مشوري جي سياسي بصيرت کي خوب ساراهيو۔ 1988ع ۾ پاڻ بورڊ آف روينيو سنڌ جا ميمبر مقرر ٿيا، 1988  ۾ لوئر ڪورٽ کان وڪالت جي شروعات ڪري ۽ ھاء ڪورٽ جا وڪيل بڻيا، 1993 ۾ حيدرآباد-ٽنڊو الهيار جي قومي تڪ تان شهيد مير مرتضيٰ  جي ڀرپور مهم هلائي ۽ 1994 ۾ مير مرتضيٰ ڀٽو رهائي ڪميٽي سنڌ جو ڪنوينر مقرر ٿيو.

 مير مرتضيٰ  ڀٽو جي آزادي بعد رابطہ ڪميٽي سنڌ جو ڪنوينر ٿيو، 4 اپريل 1995 پ پ (شھيد ڀٽو) سنڌ جو جنرل سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو، 1997ع جي عام اليڪشن ۾ صوبائي حلقي 37-PS تان شھيد ڀٽو جي پليٽ فارم تان حصو ورتو ۽ 8372 ووٽ کنيا، 1999ع ۾ مولا بخش مشوري کي پ پ (شھيد ڀٽو) سنڌ جو صدر ڪيو ويو، سفر اتي بہ نہ رڪيو 2015ع ۾ ھڪ ڀيرو ٻيهر ضلع ڪائونسل حيدرآباد جو ميمبر چونڊيو ويو. مرحوم پونئرن ۾ ٻه پٽ ۽ ٽي نياڻيون ڇڏيون آھن جڏھن ته مرحوم جي جنازي ۾ ھزارن جي تعداد ۾ سياسي، سماجي، علائقي جي معززن ۽ ڳوٺاڻن شرڪت ڪئي.