ميرپورماٿيلو شهر ۾ معصوم ٻارن کان چوريون ڪرائيندڙ گينگ جو انڪشاف، دڪان مان ڏيڍ لک چوري

news

ميرپور ماٿيلو(رپورٽ:هادي بخش جلباڻي) ميرپورماٿيلو شھر ۾ معصوم ٻارن کان چوريون ڪرائيندڙ گينگ ھئڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، ان حوالي سان ڏينهن ڏٺي جو ميرپور ماٿيلو جي مين روڊ تي مندر گلي ڀرسان بليزنگ موبائيل شاپ تان چالاڪي سان پينو فقير ٻارڙن ڏيڍ لک روپيه چوري ڪري آساني سان فرار ٿي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا آهن، ٻارڙن پاران دڪان تان چوري جي ويڊيو منظر عام تي اچي وئي آهي، هوڏانهن دوڪاندار پاران ميرپور ماٿيلو پوليس کي اطلاع ڏنو ويو، پوليس پهچي وئي، جڏهن ته دڪاندار اشوڪ ڪمار جا ٻئي هٿ مٿي تي اچي ويا آهن.