گمبٽ:رپڙي لنڪ روڊ تي ڪار ٻارڙي کي ٽڪر هڻي ماري ڇڏيو، ڊرائيور فرار

news

گمبٽ(رپورٽ: ادريس عباسي) رپڙي لنڪ روڊ تي ڪار ٻارڙي کي ٽڪر هنيو جنهن جي نتيجي ۾ پهرين ڪلاس جو شاگرد آيان مري فوت ٿي ويو، لاش اسپتال منتقل ڪري ضروري ڪاروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.

ان سلسلي ۾ پوليس جو چوڻ آهي ته مهراڻ ڪار ٻارڙي کي ٽڪر هڻي ڊرائيور ڪار سميت فرار ٿي ويو آهي.