حيدرآباد:سنڌ هاري ڪاميٽي طرفان ڪامريڊ غلام رسول سهتو جي لاڏاڻي تي ٽي ڏينهن سوڳ جو اعلان

news

حيدرآباد: سنڌ هاري ڪاميٽي جي صدر ثمر حيدر جتوئي پاران ڪامريڊ غلام رسول سهتو جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار.

سنڌ هاري ڪاميٽي جي مرڪزي صدر ثمر حيدر جتوئي ۽ مرڪزي جنرل سيڪريٽري ايڊوڪيٽ احمد نواز انقلابي چيو ته ڪامريڊ غلام رسول سهتو هاري هلچل جو ارڏو ڪردار هو، ڪامريڊ غلام رسول سهتو سڄي زندگي اٽل ارادي سان پورهيت جدوجهد ڪندو رهيو، ڪامريڊ غلام رسول سهتو جون خدمتون سنڌ لاءِ وڏو اعزاز آهن، ڪامريڊ سهتو سنڌ هاري ڪاميٽي سان آخري دم تائين جڙيل رهيو.

هي سنڌ جو اهو اڳواڻ هو جيڪو آخري دم تائين ثابت قدم رهيو ۽ هڪ منٽ لاء به مايوس نه ٿيو، ڪامريڊ غلام رسول سهتو سنڌ هاري ڪاميٽي جي صدر سميت ٻين عهدن تي فائز رهيو، اڄ سندس جي وڇوڙي تي ڏکارا آهيون ڇو ته کاٻي ڌر جي سياست جو وڏو نقصان ٿيو آهي، هڪ خال پيدا ٿيو آهي جيڪو جلدي ڀرجي نه سگهندو، اسان ڪامريڊ غلام رسول سهتو کي سرخ سلام پيش ڪيون ٿا ۽ ٽي ڏينهن سوڳ جو اعلان ڪيون ٿا.