گمبٽ:ڪوڙا ڪيس داخل ڪرڻ ۽ دڪان بند ڪرائڻ خلاف شهرين جو احتجاج

news

گمبٽ (رپورٽ: ادريس عباسي) گمبٽ شھري اتحاد جي سڏ تي شيخ چوڪ اڳڙا روڊ سميت مڪمل شٽر بند هڙتال ڪري احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو احتجاجي  ريلي ڪڍي وئي احتجاجي ريلي ۾ جي يو آءِ جسقم سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن سميت واپارين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

ان موقعي تي صفدر علي سهتو قمرالدين شيخ، جي آ۽ جي اڳواڻ مولانا محمد رمضان ڦلپوٽو، مولوي نعمت الله شيخ، گل محمد مري، اسد الله شيخ، سلمان عاطف گلزار جوڻيجو ۽ ٻين گمبٽ پريس ڪلب اڳيان احتجاج مظاهرو ڪندي خطاب ڪندي چيو آهي ته شيخ چوڪ تي گئوشالا ڀر سان ٺهيل دڪان اسان جا آهن جنهن جا اسان وٽ اصل ڪاغذ موجود آهن، دڪان سيل ڪري ناجائزي ڪئي وئي آهي.

هنن وڌيڪ چيو ته پراپرٽي جا سيل سرٽيفڪيٽ اسان وٽ موجود آهن، مختيارڪار ۽ اي سي گمبٽ ونگهارو بڻيل آهن جن زبردستي دڪان بند ڪرايا آهن، ڊي سي خيرپور خاطر خواہه جواب ناهي ڏنو، شهرين تي مختيارڪار ڪوڙا ڪيس داخل ڪرايا آهن جنهن جي اسان سخت لفظن ۾مذمت ڪيون ٿا.

احتجاج ڪندڙن مطالبو ڪيو ته جلد ڪوڙا ڪيس ختم ڪري دڪان کولڻ جي اجازت ڏني وڃي ٻي صورت ۾ سخت احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.