ستن سالن کانپوءِ فتح جو موقعو ملي ويو

news

لاهور: بلند حوصلو رکندڙ گرين شرٽس پروٽيز تي فيصلائتو وار ڪرڻ لاءِ تيار آهن.

ٻيون ون ڊي آچر تي جوهانسبرگ ۾ کيڏيو ويندو، 7 سالن بعد ڏکڻ آفريقا خلاف سيريز کٽڻ جو موقعو ملي ويو آهي،ٽيم مينيجمينٽ فيلڊنگ سميت پهرئين مقابلي ۾ سامهون ايندڙ ڪمزورين تي ضابطو آڻڻ لاءِ فڪرمند آهي، بالرز وڪيٽون اڏائڻ سان گڏ رنز جي رفتا کي وڌيڪ گهٽ ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪندا.

بيٽنگ ۾ ان فارم بابراعظم، امام الحق ۽ محمد رضوان اميندن جو مرڪز آهن، فخر زمان، دانش عزيز ۽ آصف علي پهرئين ميچ ۾ ناڪامي جو ازالو ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا.