اڪشي ڪمار به ڪورونا وائرس جو شڪار ٿي ويو

news

ممبئي بالي ووڊ جو کلهاڙي اڪشي ڪمار به ڪورونا وائرس جو شڪار ٿي ويو.

بالي ووڊ سپر اسٽار اڪشي ڪمار ٽوئيٽر تي پنهنجو ڪورونا ٽيسٽ مثبت اچڻ جي خبر مداحن سان شيئر ڪئي، هن لکيو ته آئون توهان سڀني کي ٻڌائڻ گهران ٿو ته اڄ صبح منهنجو ڪورونا ٽيست مثبت آيو آهي جنهن کان پوءِ مون سموريون احتياطي تدبيرون اختيار ڪندي پاڻ کي فوري طور تي آئسوليٽ ڪري ڇڏيو آهي.

اڪشي ڪمار ٻڌايو ته هن پاڻ کي گهر ۾ قرنطيه ڪري ڇڏيو آهي ۽ سموري طبي امداد به استعمال ڪري رهيو آهي، ان کان علاوه هن سمورن ماڻهن کي پنهنجو ڪورونا ٽيست ڪرائڻ جي درخواست ڪئي جيڪي ان سان رابطي ۾ هئا، هن چيو ته هو جلد ايڪشن ۾ ايندو.