ڄامشورو ۾ ماني پچائيندي باهه لڳڻ سبب نوجوان عورت سڙي زخمي

news

ڄامشورو (رپورٽ: حيات ميراڻي) ڄامشورو ۾ ماني پچائيندي باهه لڳڻ سبب نوجوان عورت سڙي زخمي، لمس بعد حيدرآباد منتقل، حالت ڳڻتي جوڳي.

تفصيل موجب ڄامشورو ٽول پلازه لڳ سي اين جي پمپ وٽ ويٺل لاڏائو قبيلي جي شادي شده نوجوان ناري لالي زال شبير شيخ مبينا طور ماني پچائيندي چلهه مان باهه لڳڻ سبب سڙي سخت زخمي ٿي پئي، جنهن کي وارث لمس اسپتال ڄامشورو کڻائي پهتا جتي ڊاڪٽر موجب ناري جو 50 سيڪڙو جسم سڙي ويو آهي جنهن جي ڳڻتي جوڳي حالت هئڻ سبب کيس سول اسپتال حيدرآباد منتقل ڪيو ويو آهي.

پوليس موجب ناري جي ماءُ جو چوڻ آهي ته ماني پچائيندي چلهه مان باهه لڳڻ سبب سڙي زخمي ٿي آهي، ريشمي ڪپڙا پهريل هئڻ ڪري وڌيڪ سڙي آهي. ليٽر ڏئي کيس اسپتال روانو ڪيو آهي.