اوڏيرولال لڳ ڳوٺ عبدالرحيم هنڱورو ۾ ھنڱورا اتحاد پاران تقريب ڪوٺائي وئي

news

اوڏيرولال (رپورٽ: حافظ امتياز علي چنا) اوڏيرولال لڳ ڳوٺ عبدالرحيم هنڱورو ۾ ھنڱورا اتحاد جي اڳواڻ سردار شاھد حسين هنڱورو جي مان ۾ پروقار تقريب  منعقد ڪئي وئي.

جنهن ۾ اوڏيرولال جي آس پاس جي ھنڱورا اتحاد جي اڳواڻن ۽ دوستن شرڪت ڪئي، تقريب ۾ آيل معزز مهمانن کي تقريب جي ميزبان غلام قادر هنڱورو، سنڌ جي سوکڙي اجرڪ پيش ڪيا.

ان موقعي تي سردار شاھد حسين هنڱورو تقريب ۾ آيل معزز مهمانن کي خطاب ڪندي چيو ته اسان هر وقت پنهنجن جي مالڪي ڪرڻ لاءِ تيار آهيون ۽ انهن جي هر ڏک سک ۾ انهن جا ساٿي ۽ همدرد ٿي انهن سان گڏ هونداسين، ان موقعي تي تقريب ۾ وڏيرو غلام محمد هنڱورو، حاجي خدا بخش هنڱورو، امير بخش هنڱورو، ڊاڪٽر رمضان وساڻ، انسپيڪٽر علي نواز وساڻ، حافظ امتياز چنا، صالح جوڻيجو، محمد ورهيه، هدايت الله هنڱورو، مير هنڱورو، محمد خان هنڱورو، ابراهيم هنڱورو، نور محمد هنڱورو، سليم هنڱورو، غلام فريد هنڱورو ۽ ٻين شرڪت ڪئي.