قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ٻائيتاليهه ورسي جي موقعي تي بلاول ڀٽو مزار تي حاضري ڀري دعا گهري

news

نئون ديرو (رپورٽ: رحمت الله موريو) پاڪستان پيپلزپارٽيءَ جي باني ملڪ جي پهرين چونڊيل وزيراعظم قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 42 هين ورسي جي موقعي تي پاڪستان پيپلزپارٽيءَ جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ لاءِ ڳڙهي خدابخش ڀٽو پهچي ويو.

جتي هن قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو، بيگم نصرت ڀٽو، شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو، شهيد شاهنواز ڀٽو ۽ ڀٽو خاندان جي ٻين مزارن تي حاضريون ڀري گل رکيا ۽ فاتحه خواني ڪئي. ان موقعي تي پ پ اڳواڻ قمرالزمان قائره، سيد اويس شاهه ۽ جميل سومرو ساڻس گڏ هئا.

ڳڙهي خدابخش ڀٽو آمد کان اڳ مزار کي مڪمل طور تي سينٽائيز ڪيو ويو ۽ نئون ديرو هائوس کان ڳڙهي خدابخش ڀٽو تائين سيڪيورٽي جا انتظام سخت ڪيا ويا. پ پ چيئرمين مزارن تي حاضري ڀرڻ بعد واپس نئون ديرو هائوس پهتو.