ڪورونا ۾ مبتلا بالي ووڊ اداڪار اڪشي ڪمار اسپتال منتقل

news

ممبئي: (سومر 05 اپريل2021ع) ڪورونا ۾ مبتلا ڀارتي اداڪار اڪشي ڪمار اسپتال ۾ داخل ٿي ويو آهي. ڀارتي اداڪار اڪشي ڪمار جو گذريل ڏينهن ڪورونا ٽيسٽ جو نتيجو هاڪاري آيو هو جنهن جي اطلاع هن پنهنجي انسٽاگرام پوسٽ جي ذريعي ڏني هئي.

اڪشي ڪمار هاڻ انسٽاگرام اڪائونٽ تي هڪ ٻئي پوسٽ لکي آهي جنهن ۾ هن مداحن کي اسپتال ۾ داخل ٿيڻ جي اطلاع ڏني.

بالي ووڊ اداڪار نيڪ خواهشن ۽ دعائن تي پنهنجي مداحن جو ٿورو ادا ڪيو ۽ چيو ته مان بهتر آهيان پر  احتياطي تدبيرن کي اختيار ڪندي طبي مشوري تي اسپتال ۾ داخل ٿي ويو آهيان.

اڪشي ڪمار اميد ظاهر ڪئي آهي ته مان جلد گهر واپس اچي ويندس جڏهن ته هن مداحن کي درخواست ڪئي آهي ته هو پنهنجو خيال رکن.