افغان صدر اقتدار جي منتقلي لاءِ ٽن مرحلن تي ٻڌل منصوبو تيار ڪري ورتو

news

ڪابل: (سومر 05 اپريل2021ع) افغانستان جي صدر اشرف غني ملڪ ۾ نئين سياسي حڪومت جي قيام ۽ پائيدار امن جي لاءِ 3 مرحلن تي ٻڌل پيس روڊ ميپ تيار ڪري ورتو آهي جنهن کي هو ترڪي ۾ ٿيندڙ هڪ اهم اجلاس ۾ پيش ڪندو.

عالمي خبرون ڏيندڙ اداري موجب آمريڪا هن مهيني گڏيل قومن جي مدد سان ترڪي ۾ هڪ ڪانفرنس منعقد ڪرائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي جنهن ۾ افغانستان سان پرڏيهي فوجين جي انخلا، پائيدار امن ۽ نئين سياسي حڪومت جي قيام تي غور ڪيو پيو وڃي. افغان صدر اشرف غني هن ڪانفرنس ۾ ٽن مرحلن تي ٻڌل هڪ امن منصوبو پيش ڪندو.

پهرين مرحلي ۾ صدارتي عهدي کان ڌار ٿيڻ، ڌرين جي وچ ۾ سياسي تڪرارن جي لاءِ قابل عمل معاهدي کي طئي ڪرڻ ۽ عالمي قانون جي نگراني م جنگبندي کي يقيني بنائڻ شامل آهي.