ڪراچي جي نور خان برفت ڳوٺ ۾ ڪلينڪ مان قيمتي سامان چوري، متاثر جو احتجاج

news

ڪراچي (رپورٽ: نبي بخش خاصخيلي) نور خان برفت ڳوٺ ۾ چانڊڪا طبي ميڊيڪل ڪلينڪ مان نامعلوم چورن ڊاڪٽر محمد خان چانڊيو جي ڪلينڪ ۽ ميڊيڪل اسٽور مان قيمتي سامان چوري ڪري فرار ٿي ويا، اھڙو اطلاع حد جي پوليس کي ڏنو ويو.

ياد رھي ته ٻه ھفتا اڳ نور خان برفت ڳوٺ مان صحافي جلال الدين شاھاڻي جي گھر مان نامعلوم چور پنج موبائيلون چوري ڪري ويا ھئا، علائقي ۾ ٿيل چوريون  پوليس ھن مھل تائين واپس نه ڪرائي سگھي آھي.

ان موقعي تي چورين ۽ ڦر جي متاثرن ايس ايس پي اوڀر کان ٿيل چوريون واپس ڪرائي، چورين ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري کين سخت سزا ڏيڻ سميت علائقي ۾ امن امان جي صورتحال کي بھتر بڻائي عوام جي تڪليف دور ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آھي.