ميرپورماٿيلو (رپورٽ: هادي بخش جلباڻي) گهوٽڪي جي ڪچي واري علائقي ڳوٺ رحمت جاگيراڻي ۾ زمين جي پُراڻي تڪرار تان جاگيراڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ عورت مسمات امينا جاگيراڻي، رستم، رفيق، احسان جاگيراڻي سميت 6 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا، جڏهن ته زخمين کي گهوٽڪي جي اسپتال داخل ڪيو ويو آهي.
هوڏانهن ٻئي ڌريون مورچابند ٿي ويو آهن، جنهن سبب وڏي خونريزي جو خدشو وڌي ويو آهي.