مورو ويجھو ڳوٺ ڌيرڻ ۾ راند ڪرڻ دوران ٽن سالن جو معصوم نينگر پاڻي ۾ ٻڏي فوت

news

مورو (رپورٽ: رزاق مستوئي) مورو ويجھو ڳوٺ ڌيرڻ ۾ راند ڪرڻ دوران ٽن سالن جو معصوم نينگر مير مرتضيٰ ولد بنگل خان ماڇي پاڻي ۾ ٻڏي ويو.

جنھن کي وارثن ڪڍي تعلقي اسپتال مورو آندو، جتي ڊاڪٽر چيڪ ڪرڻ بعد فوت ٿيڻ جي تصديق ڪري لاش وارثن حوالي ڪيو، معصوم نينگر جو لاش گھر پھچڻ تي قھرام مچي ويو.