ميرپورماٿيلو ۾ معذورن پاران مقامي فيڪٽرين ۾ نوڪريون نه ملڻ خلاف احتجاج

news

ميرپورماٿيلو (رپورٽ: هادي بخش جلباڻي) ضلعي گهوٽڪي جي صنعتي ادارن ۾ نوڪري نه ملڻ خلاف مقامي معذورن ايف ايف سي ڀاڻ فيڪٽري جي مين گيٽ آڏو احتجاج ڪيو ۽ ريلي پُڻ ڪڍي وئي.

ان موقعي تي علامتي بک هڙتال به ڪئي وئي، ان موقعي تي ڊس ايبلٽي فورم پاران صنعتي ادارن جي انتظاميه خلاف ڇتي نعريبازي ڪندي اڳواڻن حاجي نظير کهاوڙ، منير شر، قمر دين، دين محمد گڏاڻي ۽ ٻين چيو ته ضلعي گهوٽڪي جي صنعتي ادارن ۾ 5 سيڪڙو معذور ڪوٽا باوجود صنعتي ادارن جي انتظاميه نوڪري نه ٿي ڏئي.

هنن چيو ته اسان جا ٻچا بکون ڪاٽڻ تي مجبور آهن پر صنعتي ادارن جي انتظاميه پنجاب مان ڌارين جو لوڌ گهرائي انهن کي ڀرتي ڪري رهي آهي، هنن وڌيڪ چيو ته سنڌ حڪومت پاران معذور ڪوٽا تحت نوڪري ڏيڻ لاءِ ليٽر لکيو ويو آهي پر ان باوجود صنعتي ادارن جي انتظاميه سنڌ حڪومت جي حڪمن کي ٿڏي ڇڏيو آهي، هنن مطابو ڪيو ته معذور ڪوٽا تحت معذورن کي نوڪري ڏني وڃي، ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.