فيصلائتي ون ڊي کان اڳ تبديلين جي هوا گهلڻ لڳي

news

ڪراچي: فيصلائتي ون ڊي کان اڳ تبديلين جي هوا گهلڻ لڳي آهي جڏهن ته مينيجمينٽ تيم ناڪام ٿيندڙ آصف علي کي ڊراپ ڪرڻ تي غور ڪري رهي آهي.

ڏکڻ آفريقا سان شروعاتي ٻنهي ون ڊي انٽرنيشنل ۾ دانش عزيز ۽ آصف علي پاڪستان ٽيم جي ڪمزور ڪڙي ثابت ٿيا، ڊيبيو ڪندڙ دانش ڏکڻ آفريقي پيسر نورڪيا جي شارٽ پچ بولنگ تي پريشان نظر آيو، هو پهرئين ون ڊي ۾ 3 ۽ ٻئين ۾ 9 رنز ئي ٺاهي سگهيو، البت ان باوجود هن کي ٽيم ۾ برقرار رکڻ جو امڪان آهي.

ٽيم مينيجمينٽ کي لڳي ٿو ته هڪ نئين رانديگر کي جڏهن چونڊ ڪيو ته انکي پورو موقعو ملڻ گهرجي، هاڻ نورڪيا ئي ڀارت وڃي چڪو آهي شايد دانش ڪامياب ٿي سگهي، البت آصف علي کي ڊراپ ڪري حيدر علي کي آزمائي سگهجي ٿو.

آصف شروعاتي ون ڊي اسڪواڊ ۾ شامل نه هو، سعود شڪيل جي انجري انکي موقعو ڏنو جنهن مان هو فائدو نه وٺي سگهيو، هن پروٽيز سان پهرئين ميچ ۾ 2 ۽ ٻئين ۾ 19 رنز ٺاهيون، انجرڊ شاداب جو خال عثمان قادر ڀريندو.

ذريعن جو چوڻ آهي ته سرفراز احمد کي کيڏائڻ جو گهڻو امڪان نٿو لڳي، ٽيم مينيجمينٽ محمد رضوان کي بطور اسپشلسٽ بيٽسمين کيڏائي ٽيم ڪامبينيشن سان ڇيڙ ڇاڙ نٿي ڪرڻ چاهي، اهڙيءَ طرح حسن علي ڪورونا کان صحتياب ٿيڻ کانپوءِ آهستي آهستي ردم ۾ پيو اچي، کڻي جو محمد حسنين جي جاءِ تي هن کي ميدان ۾ لاهڻ جو آپشن موجود هوندو پر امڪان اهوئي آهي ته ٽي ٽوئنٽي سيريز ۾ ئي آزمايو وڃي.

ٽيم مينجمينٽ موجود سمورن آپشنز جو جائزو وٺي رهي آهي، آڱاري تي پريڪٽس سيشن کانپوءِ ئي حتمي فيصلو ڪيو ويندو.