ڪورونا متاثر ضلعن ۾ اٺين ڪلاس جا اسڪول بند رکڻ جو فيصلو

news

اسلام آباد: (اڱارو 06 اپريل 2021ع) اين سي او سي ملڪ ۾ ڪورونا سبب متاثر ضلعن ۾  پهرين کان اٺين ڪلاس تائين جي لاءِ 28 اپريل تائين اسڪولن کي بند رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

اين سي او سي جي اجلاس کان پوءِ پريس ڪانفرنس ڪندي تعليم واري وزير شفقت محمود ٻڌايو ته ملڪ جو هر ضلعو ڪورونا سبب متاثر نه ٿيو آهي ان لاءِ جيڪي ضلعا متاثر آهن اتي پهرين کان اٺين ڪلاس تائين جي اسڪولن کي 28 اپريل تائين بند رکيو ويندو ۽ 28 اپريل تي ٻيهر ان معاملي جو جائزو وٺنداسين ته اسڪولن کي عيد تائين بند رکيو وڃي يا عيد کان اڳ اسڪول کوليا وڃن.

هن چيو ته ڪورونا سبب متاثر ضلعن بابت صوبا فيصلو ڪندا ته ڪهڙن ضلعن ۾ اسڪولن کي بند ڪيو وڃي. جڏهن ته ڪورونا سبب متاثر ضلعن ۾ يونيورسٽيون به بند رهنديون. تعليم واري وزير جو چوڻ هو ته 9 کان 12 ڪلاس تائين جا امتحان مئي جي ٽئين هفتي ورتا ويندا يعني اهي امتحان 24 مئي کان اڳ نه ٿيندا ۽ امتحان سخت ايس او پيز سان گڏ منعقد ڪيا ويندا. هن چيو ته يونيورسٽين ۾ به داخلائن کي اڳيان ڪرڻ جو چيو آهي  ڇو ته امتحان دير سان ٿيندا ته نتيجا به دير سان ايندا. بورڊ ۽ هائر ايجوڪيشن ڪميشن ان معاملي تي ڳالهيون ڪري فيصلو ڪندا.

شفقت محمود چيو ته سڄي ملڪ ۾ اي ليول ۽ او ليول جا امتحان پنهنجي وقت تي شيڊول موجب ٿيندا. ملڪ ۾ اهڙن شاگردن جو انگ گهٽ آهي جيڪي هي امتحان ڏئي رهيا آهن.  ان لاءِ اهي شاگرد پنهنجي امتحانن جي جاري رکندا. ڪيمبرج چيو آهي ته هو مڪمل ايس او پيز سان گڏ امتحان شروع ڪندا.