صبا قمر ستٽيهه سالن جي ٿي وئي

news

لاهور: عالمي شهرت رکندڙ صبا قمر 37 سالن جي ٿي وئي.

صبا قمر جي سالگرهه تي سندس دوستن هن لاءِ سرپرائيز برٿ ڊي پارٽي جو بندوبست ڪيو.

صبا قمر جي سالگرهه تقريب ۾ علي عظمت، ارم خان ۽ بلال سعيد به شرڪت ڪئي.

ان کان پهرين صبا قمر پنهنجي سالگرهه جي موقعي تي پنهنجو پاڻ کي هڪ دلچسپ ۽ منفرد تحفو ڏيندي 5 اپريل يعني پنهنجي سالگرهه جي ڏينهن سندس ميوزڪ وڊيو”چنگاريان“ رليز ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو.

اداڪاره انسٽاگرام تي 25 سيڪنڊن جي وڊيو ڪلپ جاري ڪئي جنهن ۾ هن کي کلندي ۽ پوءِ روئندي ڏسي سگهجي ٿو.

صبا وڊيو جي ڪيپشن ۾ لکيو”محبت هڪ خاص قسم جي جرئت جي تقاضا ڪري ٿي“ هن اهو به لکيو هو ته هي گانو منهنجي سالگرهه تي رليز ٿيندو.