ننگرهار ۾ طالبان پاران چيڪ پوسٽ تي حملو، چار پوليس اهلڪار مارجي ويا

news

ڪابل: افغان صوبي ننگرهار ۾ طالبان چيڪ پوسٽ تي حملو ڪري ڏنو جنهن سبب 4 اهلڪار اجل جو شڪار ٿي پيا.

افغان ميڊيا موجب صوبي ننگرهار ۾ طالبان پاران چيڪ پوسٽ تي حملي جي نتيجي ۾ 4 اهلڪار موقعي تي ئي مارجي ويا، مقامي انتظاميا ان حوالي سان اڃان تائين ڪو به بيان جاري ناهي ڪيو جڏهن ته طالبان حملي جي ذميواري قبول ڪري ورتي آهي.

ٻئي طرف افغانستان ۾ گذريل ڪجهه ڏينهن دوران تشدد واريون ڪارروايون وڌي ويون آهن، سيڪيورٽي عملدارن موجب گذريل 24 ڪلاڪن ۾ افغان فورسز ۽ طالبان ۾ جهڙپن دوران 26 اهلڪار مارجي ويا.