پنجاب جي تيرنهن ضلعن ۾ پهرين کان اٺين ڪلاس جا اسڪول عيد تائين بند رکڻ جو اعلان

news

لاهور: (اڱارو 06 اپريل 2021ع) پنجاب جي تعليم واري وزير مراد راس چيو اهي ته پنجاب جي 13 ضلعن ۾ پهرين کان اٺين تائين جا ڪلاس عيدالفطر تائين بند رهندا.

پنجاب ۾ ڪورونا جي موجوده صورتحال ۾ تعليمي ادارا بند ڪرڻ جي حوالي سان اجلاس کان پوءِ مراد راس چيو ته ڪورونا سبب وڌيڪ متاثر صوبن جي 13 ضلعن يعني لاهو، راولپنڊي، گجرات، گوجرانوالا، ملتان، بهاولپور، سيالڪوٽ، سرگودها، فيصل آباد، ٽوبه ٽيڪ سنگهه، رحيم يار خان، ڊي جي خان ۽ شيخوپوره ۾  پهرين کان اٺين تائين اسڪول عيدالفطر تائين بند رهندا.

هن ٻڌايو ته متاثر 13 ضلعن ۾ 19 اپريل کان  نائين کان ٻارهين جا ڪلاس سومر ۽ خميس تي ٿيندا. جڏهن ته پنجاب ۾ نائين کان ٻارهين ۽ اي او ليول جا امتحان پنهنجي شيڊول موجب ٿيندا.  پنجاب جي تعليم واري وزير مراد راس وڌيڪ چيو ته اڄ جي فيصلن تي نظرثاني جي لاءِ اجلاس هاڻ ٻن هفتن کان پوءِ ٿيندو.