ڪينسر جو شڪار نائله جعفري جي مدد لاءِ اداڪار اڳيان اچي ويا

news

ڪراچي: ڪينسر جو شڪار اداڪاره نائله جعفري پاران ڊرامن کي ٻيهر نشر ڪرڻ تي اداڪارن کي به ٻيهر معاوضو ڏيڻ ۽ مالي مدد جي اپيل کانپوءِ اداڪار به سندس مدد لاءِ پهچي ويا.

نائله جعفري گذريل 5 سالن کان ڪينسر جي مرض سان جهيڙي رهي آهي، تازو انفيڪشن سبب کيس اسپتال داخل ڪيو ويو آهي.

نائله جعفري ڪينسر جي اعلاج لاءِ ڪيمو ٿراپي ڪرائي رهي آهي، اسپتال ۾ داخل ٿيڻ بعد سندس وڊيو به سامهون آئي جنهن ۾ هوءَ اسپتال جي بستري تي مدد گهرندي ڳوڙها ڳاڙي ويٺي.

وڊيو وائرل ٿيڻ کانپوءِ سنڌ جي ثقافتي کاتي نائله جعفري جي مدد جو اعلان ڪيو هو ۽ اداڪاره جو سمورو خرچ ڀرڻ جو يقين ڏياريو ۽ هاڻ هن جي مدد لاءِ اداڪار ميڪال ذوالفقار ۽ ياسر حسين به سامهون اچي ويا جن سندس مطالبي جي حمايت ڪندي چيو ته ٽي وي مالڪ ڊرامي کي ٻيهر نشر ڪرڻ يا يوٽيوب سميت ٻين سائٽس تي هلائڻ جو معاضو به ڏيڻ گهرجي.