سشميتا سين بدتميزي ڪندڙ نوجوان کي سبق سيکاري ڇڏيو

news

ممبئي: بالي ووڊ اداڪاره سشميتا سين بدتميزي ڪندڙ نوجوان کي سبق سيکاري ڇڏيو.

سشميتاسين جي پراڻي انٽرويو جي هڪ وڊيو ڀارتي ميڊيا ۾ وائرل ٿي رهي آهي جنهن ۾ اداڪاره ٻڌايو ته ڪهڙيءَ طرح هن ان نوجوان جو دماغ درست ڪري ڇڏيو.

سشمياسين چيو آهي ته هڪ دفعو ايوارڊ فنڪشن ۾ هڪ ڇوڪري مونسان بدتميزي ڪئي، هن سمجهيو مونکي خبر نه پئجي سگهندي پر مون ان جو هٿ پڪڙي کيس ڳچي مان ورتو.

اداڪاره ٻڌايو ته هن ان ڇوڪري کي چيو ته جيڪڏهن آئون شور ڪندس ته تنهنجي زندگي هلي ويندي، پهرين هن منع ڪئي پوءِ جڏهن مون سختي ڪئي ته هن پنهنجي غلطي تسليم ڪئي ۽ معافي ورتي ۽ واعدو ڪيو ته آئنده هو اهڙي حرڪت نه ڪندو.

سشميتاسين جو چوڻ هو ته هو 15 سالن جو ڇوڪرو هو تنهنڪري تنبيهه ڪري کيس وڃڻ ڏنو، ڪنهن هن کي نه ٻڌايو هو ته ڪنهن سان بدتميزي ڪرڻ تفريح نه پر ڏوهه آهي.

ياد رهي ته اداڪاره ڪيترن ئي ڏينهن کان بالي ووڊ انڊسٽري کان غائب آهي پر تازو هوءَ ويب سيريز آريا ۾ نظر اچي رهي هئي جڏهن ته هاڻ هوءَ آريا سيزن 2 جي شوٽنگ ۾ مصروف آهي.