گمبٽ لڳ ڳوٺ گلو سيال ۾ ٻارن جي ڳالھ تان جهيڙو، ھڪ عورت سميت ٻه ڄڻا زخمي، احتجاج

news

گمبٽ (رپورٽ: ادريس عباسي) رپڙي ڀرسان ٻارن جي ڳالھ تان جهيڙو، ھڪ عورت سميت 2 ڄڻا زخمي، اسپتال داخل، متاثرن پاران احتجاجي مظاهرو، انصاف جي گهر.

گمبٽ جي ڪچي واري گلو سيال ٿاڻي جي حد ڳوٺ گلو سيال ۾ سيال برادري جي ٻن ڌرين ۾ ٻارن جي معمولي ڳالھ تان جهيڙو ٿي پيو، جنهن سبب عورت عالم خاتون ۽ حسين بخش سيال سخت زخمي ٿي پيا، جن کي  علاج لاءِ خيرپور اسپتال  منتقل ڪيو ويو آهي.

ان ڏس ۾ زخمي حسين بخش سيال دانھيندي چيو آهي ته ٻارن جي معمولي ڳالهه تان گلو سيال ٿاڻي جي وڏي منشي الطاف سيال جي ڀائرن امداد، سرور، رمضان ۽ نصير گهر ۾ گهڙي لٺين جو وسڪارو لائي ڏنو، جنهن سبب اسان سخت زخمي ٿي پياسون، ٿاڻي تي اين سي رپورٽ داخل ھئڻ باوجود ڪو به جوابدار گرفتار ناهي ٿي سگهيو، ڇاڪاڻ تہ ٿاڻي تي مقرر وڏو منشي وردي جو ناجائز فائدو وٺندي ناجائزي ڪري رهيو آهي.

ھنن ايس ايس پي خيرپور امير سعود مگسي کان انصاف جي گهر ڪندي چيو آهي ته جلد جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪرائي وڏي منشي کي ٿاڻي تان ھٽائي اسان کي انصاف فراهم ڪيو وڃي.