ميرپورماٿيلو لڳ باهه جي ٻن واقعن ۾ دڪان ۽ اناج سڙي رک

news

ميرپورماٿيلو (رپورٽ: هادي بخش جلباڻي) بس اسٽينڊ ميرپورماٿيلو ڀرسان ٻن دوڪانن کي ويلڊنگ پلانٽ مان اوچتو باهه لڳي وئي، جنهن سبب مقصود ڪلهوڙو ۽ سجاد پنجابي جي دوڪانن ۾ پيل سمورو سامان سڙي رک ٿي ويو.

هوڏانهن وري ڳڙهي چاڪر ۾ باگڙي برادري جي پينو فقيرن جي جمع ٿيل ڪڻڪ کي باهه لڳي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ 40 مڻ کان وڌيڪ ڪڻڪ سڙي رک ٿي وئي آهي. هوڏانهن باهه متاثرن پاران ڊي سي گهوٽڪي کان مدد جي اپيل ڪئي آهي.