ڪورونا ڪيسن ۾ واڌ؛ خيبرپختونخواهه جي ايڪانوي علائقن ۾ اسمارٽ لاڪ ڊائون لاڳو

news

پشاور: (اربع 07 اپريل 2021ع) خيبرپختونخواهه ۾ ڪورونا ڪيسز ۾ واڌ سبب 91 علائقن ۾ اسمارٽ لاڪ ڊائون لاڳو ڪيو ويو آهي.

ڪي پي ڪي جي  چيف سيڪريٽري ڊاڪٽر ڪاظم نياز چيو آهي ته صوبي ۾ وڌندڙ ڪورونا ڪيسز سبب متاثر علائقن ۾ اڄ وڃ تي به پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي. هن هدايت ڪئي ته ڪورونا سبب متاثر ماڻهن جو خاص خيال رکيو وڃي ۽ خيبرپختونخواهه ۾ ضلعي آفيسر ايس او پيز تي عمل کي يقيني بنائين.

رپورٽ موجب ڪورونا سبب متاٿر علائقن ۾ عالمي وبا جا 151 مريض موجود آهن ۽ متاثر علائقن ۾ 6 هزار 912 ماڻهو گهرن تائين محدود آهن. خيبرپختونخواهه ۾ ڪورونا سبب متاثر علائقن ۾ 274 گهر آئسوليٽ ڪيا ويا آهن. عالمي وبا ڪورونا وائرس سبب گذريل 24 ڪلاڪن ۾ پاڪستان ۾ وڌيڪ 102 فوتگيون ۽ 4 هزار 4 نوان ڪيسز سامهون آيا آهن.

نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر موجب پاڪستان ۾ ڪورونا وگهي فوتگين جو گڏيل انگ 15 هزار 26 تائين پهچي ويو آهي جڏهن ته متاثر ماڻهن جو گڏيل انگ 7 لک 188 ٿي ويو آهي.