ايف آءِ اي وڌيڪ تيرنهن شوگرملز خلاف ڪارروائي شروع ڪري ڇڏي

news

اسلام آباد: (اربع 07 اپريل 2021ع) ايف آءِ اي وڌيڪ 13 شوگرملز جي خلاف ڪارروائي جي شروعات ڪري ڇڏي آهي. رپورٽ موجب ملڪ ۾ شوگرملز مافيا ۽ سٽي بازن جي خلاف ڪريڪ ڊائون جاري آهي ۽ هينئر تائين ڪيترن ئي شوگر ملز مالڪن کي گرفتار يا انهن جي خلاف جاچ جي شروعات ڪئي وئي آهي.

هاڻ ايف آءِ اي وڌيڪ 13 شوگرملز جي خلاف ڪارروائي جي شروعات ڪري ڇڏي اهي. جنهن شوگر ملز جي خلاف ڪارروائي شروع ڪئي وئي آهي ان ۾ هنزه شوگر، اشرف شوگر، حسين شوگر، سيون اسٽار شوگر، شيخو شوگر، اتحاد شوگر، فاطمه شوگر، ڪشمير شوگر، ميرپور شوگر، النور شوگر، سورج شوگر، ايس جي ايم شوگر ۽ سندهه باد شوگرملز شامل آهن. ايف آءِ اي اختيارين جو چوڻ آهي ته هينئر تائين 15 شوگر بروڪرز سٽه گروپس جي حوالي سان پنهنجو بيان رڪارڊ ڪرائي چڪيون آهن جڏهن ته ايف آءِ اي 8 شوگرملز مالڪن کي نوٽيس اماڻيا آهن پر اڃان تائين ڪوبه ايف اءِ اي ۾ پيش نه ٿيو آهي.

ايف آءِ اي موجب مريم نواز جي چوڌري شوگرمل کي 31 مارچ تي حمزه شهباز کي رمضان شوگرمل تي 2 اپريل، جهانگير ترين کي جي ڊي ڊبليو گروپ کي اڳ ۾ 2 اپريل تي طلب ڪيو ويو هو ۽ پيش نه ٿيڻ تي کيس هاڻ ٻيهر جمعي تي ايف آءِ اي ۾ طلبي جو نوٽيس موڪليو ويو آهي. المعيز شوگرمل کي 5 اپريل تي طلب ڪيو ويو هو. ميان طيب کي حمزه شوگرمل کي 9 اپريل تي طلب ڪيو ويو آهي. همايون اختر کي تاندليا تواله شوگر مل کي 12 پريل تي طلب ڪيو ويو آهي.