حڪومت تحريڪ لبيڪ جا مطالبا عيد کان اڳ پارليامينٽ ۾ پيش ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو

news

اسلام آباد: (اربع 07 اپريل 2021ع) حڪومت تحريڪ لبيڪ جي مطالبن تي ٻڌل قرارداد عيد کان اڳ پارليامينٽ ۾ پيش ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

رپورٽ موجب تحريڪ لبيڪ سان معاهدي جي حوالي سان وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو جنهن ۾ پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي، گهرو وزير شيخ رشيد ۽ مذهبي معاملن وارو وفاقي وزير نورالحق قادري شرڪت ڪئي. ذريعن موجب اجلاس ۾ تحريڪ لبيڪ سان  ٿيندڙ معاهدي تي عمل ڪرڻ جي حڪمت عملي تي غور ڪيو ويو ۽ فرانس جي سفير جي ملڪ بدري جي لاءِ قرارداد پارليامينٽ مان منظور ڪرائڻ جي تجويز تي ڳالهيون ڪيون ويون ۽ فيصلو ڪيو ويو ته تحريڪ لبيڪ جي مطالبن تي ٻڌل قرارداد عيد کان اڳ پارليامينٽ ۾ پيش ڪئي وڃي ۽ معاهدي تي عمل ڪرڻ جي لاءِ ڪمپني ٻين پارٽين سان به ڳالهيون ڪندي.

واضح رهي ته 17 فيبروري تي تحريڪ لبيڪ اسلام آباد ۾ ڌرڻي جو اعلان ڪري رکيو هو پر 10 فيبروري تي مذهبي معاملن واري وزير نورالحق قادري جي سربراهي ۾ حڪومتي ڪميٽي کيس يقين ڏياريو هو ته حڪومت 20 اپريل تائين حڪومت فرانسيسي سفير کي گستاخ خاڪا شايع ڪرڻ ۽ احتجاجن پاڪستان مان ملڪ بدر ڪرڻ جي حوالي سان قدم کڻندي ۽ ان معاملي تي پارليامينٽ مان به منظوري وٺندي.

حڪومت تحريڪ لبيڪ سان طئي ٿيل معاهدي جي مسودي کي قرارداد جي شڪل ڏيڻ لاءِ خصوصي ڪميٽي به قائم ڪئي هئي.