مورو لڳ ڳوٺ حُسين آباد واسي پاران زمين تي قبضي خلاف احتجاج

news

مورو (رپورٽ: رزاق مستوئي) مورو ويجھو ديھ خالصو جي ڳوٺ حُسين آباد جي رھواسي ڪريم بخش جسڪاڻي احتجاجي مظاھرو ڪندي ٻڌايو تہ منھنجي ابن ڏاڏن امير بخش جسڪاڻي جي سروي نمبر 576/577 ۾ اٺ ايڪڙ زمين آھي جنھن مان ٽن ايڪڙن تي اسان جو حصو آھي جنھن تي ڳوٺ جا بااثر قاضي خان، رسول بخش، حاجي خان، گلشير جسڪاڻي قبضو ڪري ڇڏيو آھي ۽ منھنجي امڙ کي احساس پروگرام جا پيسا ڏيارڻ جي لالچ تي صحيح ڪرائي کاتا تبديل ڪرائي رھيا آھن.

جڏھن تہ منھنجو پوکيل ڪڻڪ جو فصل پڻ کڻي ويا آھن ۽ مون کي آواز اٿارڻ تي موتمار سنگين نتيجا ڀوڳڻ جون ڌمڪيون ڏئي رھيا آھن. ھن مطالبو ڪيو تہ زرعي زمين تان قبضو ختم ڪرائي زمين ڏياري انصاف سان گڏ تحفظ فراھم ڪيو وڃي.