مورو ميونسپل ڪاميٽي جي ملازمن جو پگھارون نه ملڻ خلاف احتجاج

news

مورو (رپورٽ: رزاق مستوئي) ميونسپل ڪاميٽي جي ملازمن جو پگھارون نه ملڻ خلاف احتجاجي مظاھرو ڪري ريلي ڪڍي مورو پريس ڪلب اڳيان نعريبازي ڪئي وئي.

جنھن جي اڳواڻي وقار عرف وڪي ميمڻ، تاج ڪورائي، محرم زرداري، راجا ميمڻ، تاج منگي، محمد خان سولنگي، غلام مصطفيٰ ڀٽي ۽ ٻيا ڪري رھيا ھئا.

ان موقعي تي مظاھرين چيو ته مورو ميونسپل ڪاميٽي جي انتظاميا اسان جي پگھارن مان ڪٽوتي ڪري اسان کي پگھار نه ٿي ڏئي، جنھن سبب اسان جا ٻچا فاقاڪشي تي ويھي رھيا آھن ۽ بکون ڪاٽڻ تي مجبور ٿي ويا آھيون، جيڪڏھن پگھارون نه ٿيون ڏنيون وڃن ته اسان پاڻ مٿان پيٽرول ھاري باهه ڏئي ساڙينداسين.