پراڻي سعيد آباد واسي بيواهه عورت جو پٽ سان گڏجي ڏيرن جي ظلم ۽ زمين تي قبضي خلاف احتجاج

news

نيو سعيد آباد (رپورٽ: واجد ملاح) پراڻي سعيد آباد جي بيواهه عورت ڏيرن جي ظلم کان تنگ ٿي پٽ سان گڏ روڊ تي نڪري آئي.

متاثر بيواهه عورت شھناز شيدي ۽ ان جي يتيم پٽ سجاد مظاھرو ڪرڻ بعد پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي سندس ڏيرن ۽ چاچن بادل شيدي، قاسم شيدي ۽ نديم شيدي تي الزام ھنيا ته ھنن ڌارين ماڻھن مختيار ٻوڪ ۽ ٻين سان گڏجي مارڪٽ ڪري زمين تي قبضو ڪري ڇڏيو آھي ۽ زمين ۾ پوکيل ڪڻڪ جي فصل جي ول ۾ ٿريشر وھائي سوين مڻ ڪڻڪ جو ان ڏير ۽ ھٿياربند ھٿيارن جي زورتي کڻي ويا آھن، اسان کي خاموش رھڻ لاءِ موتمار ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن. ھنن چيو ته اسان تر جي چڱن مڙسن جي بنگلن جا چڪرڪاٽي ٿڪجي پيا آھيون پر ڪير به انصاف ڏيارڻ لاءِ تيار ناهي.