ٽنڊو محمد خان جي بختاور ۽ شوڪت ڪالونين ۾ ڪيترن ئي ڏينهن کان بجلي بند، علائقي واسين جو احتجاج، ڌرڻو

news

ٽنڊو محمد خان (رپورٽ: ذوالفقار چانڊيو) ٽنڊو محمد خان ۾ گذريل ڪيترن ئي ڏينهن کان شهر جي مختلف علائقن ۾ ٽرانسفارمر خراب هئڻ ڪري شهر جي وڏي آبادي وارين علائقن جنھن ۾ بختاور ڪالوني ۽ شوڪت ڪالوني ۾ بجلي بند  هئڻ ڪري شهري سخت آزار ۾ ورتل آهي، علائقي واسين پاران واپڊا جي آفيس جا بار بار چڪر ڪاٽڻ کانپوءِ مجبور ٿي پريس ڪلب  ڦليلي پل تي ڌرڻو هڻي روڊ بند ڪري ڇڏيو.

انهي موقعي علائقي جي رھواسين جو چوڻ هو ته  گذريل ڪيترن ئي ڏينهن کان بجلي بند ٿيڻ ڪري اسان جا معصوم ٻارڙا رات جي وقت به آرام کان محروم آهن، سخت گرمي ۽ مڇرن جو آزار آھي پر ٽنڊو محمد خان سٽي جي بهراڻي پاڙي ۽ بختاور ڪالوني گذريل 5 ڏينهن کان بجلي بند آھي، جيڪو ٽرانسفارمر خراب ٿي ويو آھي علائقي واسي بار بار واپڊا آفيس جا چڪر ڪاٽڻ تي مجبور آھن سخت گرمي ۽ مڇرن جي آزار ڪري معصوم ٻار بيمار ٿي رهيا آھن پر هتان جا واپڊا آفيسر ۽ واپڊا عملو پيسن بغير ڪم ڪرڻ لاء تيار ئي ناھن.

هنن واپڊا اختيارين ۽ چونڊيل نمائندن کان مطالبو ڪيو ته ٽنڊو محمد خان ۾ مقرر واپڊا عملي خلاف نوٽيس وٺي علائقن جي بند پيل بجلي بحال ڪئي وڃي.