گڏيل مفادن واري ڪائونسل ۾ مردم شماري جا نتيجا جاري ڪرڻ واري فيصلي تي اتفاق نه ٿي سگهيو، سومر تي ٻيهر اجلاس طلب

news

اسلام آباد: وزيراعظم جي صدارت هيٺ گڏيل مفادن واري ڪائونسل جو اجلاس ٿي گذريو، جنهن ۾ ڪائونسل جي مستقل سيڪريٽريٽ جي منظوري ڏني وئي. جڏهن ته مردم شماري جا نتيجا جاري ڪرڻ بابت سومر تي ٻيهر اجلاس گهرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

اجلاس ۾ چئني صوبن جا وڏا وزير شريڪ ٿيا، اجلاس دوران مردم شماري جا نتيجا جاري ڪرڻ بابت تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي، پنجاب ۽ خيبرپختونخوا جو مردم شماري جا نتيجا جاري ڪرڻ، جڏهن ته سنڌ جي وڏي وزير مردم شماري جا نتيجا جاري ڪرڻ جي معاملي کي نئين مردم شماري سان جوڙڻ جو مطالبو ڪيو.

بلوچستان جي وڏي وزير طرفان مردم شماري نتيجن بابت وقت گهرڻ تي گڏيل مفادن واري ڪائونسل جو اجلاس سومر تي ٻيهر گهرائي ورتو آهي.

گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي اجلاس ۾ نيپرا طرفان ٻڌايو ويو ته سنڌ ۾ لوڊشيڊنگ جي خاتمي لاءِ صوبي کي 3800 ميگاواٽ اضافي بجلي ڏني ويندي.