جوبائيڊن انتظاميا فلسطيني امداد بحال ڪرڻ جو فيصلوڪري ورتو

news

واشنگٽن: نئين آمريڪي انتظاميا اڳوڻي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پاران فلسطينين جي روڪيل امداد بحال ڪرڻ جي منصوبا بندي ڪري رهي آهي.

اڳوڻي صدر فلسطين جي 235 ملين ڊالر امداد روڪي هئي، آمريڪا کان ڏني ويندڙ ان امداد مان ٻه ڏهائي حصو فلسطيني مهاجرن لاءِ گڏيل قومن جي اداريUnrwa ڏي وڃي ٿو، جيڪو 2018 ۾ 360 ملين ڊالر جي امداد بند ٿيڻ ڪري مالي بحران جو شڪار آهي.

وائٽ هائوس پاران جاري ٿيل پريس رليز موجب بائيڊن انتظاميا اسرائيل سان ڪافي وقت کان رڪجي ويل امن معاهدي کي بحال ڪري فلسطين سان اعتماد جي فضا قائم ڪرڻ چاهي ٿي.

ياد رهي ته فلسطيني اڳواڻن پاران اڳوڻي صدر تي اسرائيل ڏانهن جهڪاءَ جا الزام هنيا ويندا آهن، ان ڪري ئي هنن ڊونلڊ ٽرمپ جي پيش ڪيل امن معاهدي کي رد ڪري ڇڏيو هو، ڇو ته ڊونلڊ ٽرمپ اولهه جي ڪناري يمن جي وادي ۾ يهودي آبادڪاري تي اسرائيل کي خودمختياري کي تسليم ڪندي يروشلم کي اسرائيلي راڄڌاني قرار ڏنو هو.