موسميات کاتي ڪراچي ۾ وڌيڪ چئن ڏينهن تائين سخت گرمي پوڻ جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي

news

ڪراچي: (خميس 08 اپريل 2021ع) موسميات کاتي ڪراچي ۾ 4  ڏينهن تائين سخت گرمي  جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي آهي. رپورٽ موجب موسميات کاتي ڪراچي ۾ وڌيڪ 4 ڏينهن تائين سخت گرمي پوڻ جي اڳڪٿي ڪئي آهي.

ان حوالي سان موسميات کاتي جي ارلي وارننگ سينٽر گرمي جي موجوده لهر جي حوالي سان ٻڌايو آهي ته ايندڙ ٽن کان چئن ڏينهن دوران موسم گرم ۽ خشڪ رهڻ جو امڪان آهي ۽ ان دوران گرمي پد 38 کان 40 ڊگري تائين رهڻ جو امڪان آهي.

موسميات کاتي چيو آهي ته شهر ۾ ايندڙ چئن ڏينهن تائين ڏينهن جي وقت ۾ بلوچستان جي اتر، اوڀر ۽ اوڀر اولهه ۾ گرم ۽ خشڪ هوائون هلڻ جو امڪان آهي. پر شام ۾ سامونڊي هوائون بحال ٿي وينديون.

صبح جي وقت هوا ۾ نمي جو تناسب 50 کان 70 جي وچ ۾ رهي سگهي ٿو. جڏهن ته شام جو هوا ۾ نمي جو تناسب 30 کان 40 سيڪڙو جي وچ ۾ رهڻ جو امڪان آهي.