پاڪستاني پارلياماني وفد کي افغانستان ۾ لينڊنگ جي اجازت نه ملي، دورو ملتوي

news

اسلام آباد: (خميس 08 اپريل 2021ع) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر جي صدارت هيٺ افغانستان جي دوري تي ويندڙ پارلياماني وفد جي جهاز کي ڪابل ايئرپورٽ تي لينڊنگ جي اجازت نه ملڻ سبب  دورو ملتوي ڪيو ويو.

قومي اسيمبلي جو اسپيڪر اسد قيصر پارلياماني وفد سان گڏ ٽن ڏينهن جي دوري لاءِ افغانستان روانو ٿيو هو. وفد ۾ افغانستان جو خاص نمائندو محمد صادق خان ۽ پارلياماني ميمبر غلام مصطفيٰ شاهه به شامل هئا. ان کان علاوه وفد ۾ ساجد خان، رانا تنوير، گل داد خان، شيخ يعقوب ۽ شاندانه گلزار به شامل هئا.  پاڪستاني جي پارلياماني وفد کي 8 کان 11 اپريل تائين افغانستان جو دورو ڪرڻو هو ۽ ان دوران وفد افغان صدر اشرف غني، پرڏيهي وزير ۽ افغان پارليامينٽ جي اسپيڪر سان ملاقاتون ڪرڻيون هيون.

پارلياماني وفد جي دوري جو مقصد پاڪستان ۽ افغانستان جي وچ ۾ اعتماد بحال ڪرڻ ۽ افغانستان جي رستي وچ ايشيائي ملڪن جي لاءِ برآمدات ۾ رنڊڪن واري معاملي تي ڳالهيون ڪرڻيون هيون. ان کان علاوه وفد کي پاڪستان ۽ افغانستان جي وچ ۾ واپار وڌائڻ ۽ پاڪ افغان سرحد تي رهندڙ آبادي جي لاءِ معاشي موقعا پيدا ڪرڻ جي معاملن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪرڻي هئي. پاڪستان جي پارلياماني وفد جي دوري لاءِ ڪابل جي روڊن کي پاڪستان ۽ افغانستان جي جهنڊن سان سجايو ويو هو ۽ روڊن تي بنهي ملڪن جي پارليامينٽ ميمبرن جون تصويرون ۽ بينرز به لڳايا وياهئا. پر قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر جي سربراهي ۾ ٿيندڙ پاڪستان جي پارلياماني وفد جو ٽن ڏينهن جو دورو اوچتو ملتوي ڪيو ويو آهي.

سربراهه پارلياماني سيڪريٽريٽ دوري جي ملتوي  ٿيڻ جي تصديق ڪندي ٻڌايو ته اسد قيصر جو ڪابل وارو دورو سيڪيورٽي سببن جي  آڌار تي ملتوي ڪيو ويو آهي. هوڏانهن افغانستان جي خاص نمائندي محمد صادق به دوري جي ملتوي ٿيڻ جي تصديق ڪندي ٻڌايو ته جهاز جي ڪابل ايئرپورٽ تي لينڊنگ کان اڳ ڪنٽرول ٽاور ايئرپورٽ تي بندش کان آگاهه ڪيو. محمد صادق ٻڌايو ته دوري جي نئين تاريخ جو اعلان ٻنهي ملڪن جي صلاح مشوري سان ٻيهر ڪيو ويندو.