آمريڪي رياست ٽيڪساس مان ملندڙ پنجٽيهه سال پراڻو گيم ڏهه ڪروڙ روپين ۾ نيلام

news

واشنگٽن: (خميس 08 اپريل 2021ع)  آمريڪي رياست ٽيڪساس مان ملندڙ 35 سال پراڻو گيم 10 ڪروڙ روپين ۾ نيلام ڪيو ويو.

پرڏيهي خبرون ڏيندڙ ايجنسي موجب سپرماريو برادرز جي 35 ساله پراڻي گيم ڪارٽريج 6 لک 60 هزار ڊالرن ۾ وڪرو ٿي جيڪا پاڪستاني تقريبن 10 ڪروڙ روپيه بڻجي ٿي. هن ڊيجيٽل وڊيو گيم جي تاريخ ۾ سڀني کان مهانگي وڪرو ٿيندڙ گيم چئي سگهجي ٿو. ڊيلاس ۾ واقع نيلامي ڪمپني موجب سپر ماريو برادرز جي گيم ڪارٽريج(کيسٽ) 1986ع ۾ ڪرسمس تي تحفي جي لاءِ خريد ڪئي وئي هئي  ۽ اها آفيس جي دراز ۾ رکيل هئي.

هن گيم جي مهر ناهي کولي وئي جنهن سان خبر پوي ٿي ته ان کي استعمال ئي ناهي ڪيو ويو ۽ هي ڪافي وقت کان دراز ۾ پيل رهي آهي. اهڙي طرح هي ڪنهن به نيلامي ۾ پيش ڪئي ويندڙ هي گيم سڀني کان بهترين حالت ۾ ملي آهي. هن گيم جو پهريون ورزن 1986 ۾ نائنٽينڊو رليز ڪيو هو پر 1987 ۾ ان جي پيڪنگ تبديل ڪئي وئي هئي ۽ اهوئي سبب آهي ته 1986 جي پيڪنگ وارا صرف ڪجهه گيم ئي موجود آهن جيڪي هاڻ ناياب شمار ٿيندا آهن.