عيد کان پوءِ حڪومت سمورن شهرين لاءِ ويڪسين جي رجسٽريشن کولي ڇڏيندي: اسد عمر

news

اسلام آباد: (خميس 08 اپريل 2021ع) وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته حڪومت عيد کان پوءِ سمورن شهرين جي لاءِ ڪورونا ويڪسين جي رجسٽريشن جو منصوبو تيار ڪري رهي آهي.

هن طرفان اهو اعلان ملڪ ۾ اربع تي ڪورونا وگهي لاڳيتو ٻئي ڏينهن 100 کان وڌيڪ فوتگيون رپورٽ ٿيڻ کان پوءِ سامهون آيو جنهن کان پوءِ گڏيل فوتگيون 15 هزار کان وڌيڪ ٿي ويون. هلندڙ هفتي جي آخر ۾ نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر(اين سي او سي) 80 کان وڌيڪ عمر جي ماڻهن کي ان جي گهرن تي ڪورونا ويڪسين لڳائڻ جو فيصلو ڪيو هو. اسلام آباد ۾ سينئر صحافين سان ڳالهيون ڪندي اسد عمر پاڪستان ۾ ڪورونا جي ٽئين لهر جي حوالي سان ايندڙ پنجن کان ڇهن هفتن کي اهم قرار ڏنو.

هن چيو ته  هينئر تائين خانگي شعبي مان 14 هزار ماڻهن ويڪسين لڳرائي آهي جڏهن ته سرڪاري سطح تي 11 ماڻهن کي ويڪسين لڳائي وئي آهي. هن جو چوڻ هو ته ويڪسينيشن جي لاءِ هن وقت چين پاڪستان جو بنيادي ذريعو آهي. جڏهن ته عيد کان پوءِ ملڪ ۾  ڪورونا جي ڪين  سينو ويڪسين به دستياب هوندي. اسد عمر صحافين سان ڳالهيون ڪندي ٻڌايو ته عيد کان پوءِ اسان روزاني هڪ لک 25 هزار کان وڌيڪ ماڻهن کي ويڪسيمن لڳائڻ جي قابل ٿي وينداسين.

هن چيو ته ملڪ ۾ هن وقت ڪورونا جي ڳڻتي جوڳن مريضن جو انگ پهرين لهر کان وڌيڪ آهي جيڪا ڳڻتي جوڳي ڳالهه آهي. وفاقي وزير زور ڏيندي چيو ته ايس او پيز تي سختي سان عمل ڪرڻ جي ذريعي ڪيسز جي شرح کي گهٽ ڪري سگهجي ٿو. واضح رهي ته ڪيترن ئي قدمن جي باوجود پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس جي ٽئين لهر جي پکيڙ گهٽ ٿيندي نظر نه پئي اچي ۽ ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران رپورٽ ٿيندڙ ڪيسز جو انگ 13 جون کان پوءِ سڀني کان وڌيڪ آهي.