اسرائيل پاران شام مٿان ميزائل سان حملو، چار ڄڻا زخمي

news

دمشق:شام جي راڄڌاني دمشق جي ويجهو اسرائيل جي ميزائل حملي ۾ 4 فوجي زخمي ٿي پيا.

شام جي سرڪاري نيوز ايجنسي صنعا موجب اسرائيل پاران راڄڌاني دمشق ويجهو ڪيترائي ميزائل فائر ڪيا ويا پر شام جي دفاعي نظام سبب ڪيترائي ميزائل هوا ۾ ناڪاره بڻايا ويا، انهن مان هڪ ميزائل پنهنجي هدف تي مار ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو جنهن جي نتيجي ۾ 4 فوجي زخمي ٿي پيا ۽ ٻين شين کي نقصان نه پهتو البت ڪو جاني نقصان نه ٿيو.

ٻئي طرف شام ۾ انساني حقن لاءِ سرگرم برطانوي گروپ جو چوڻ آهي ته ميزائل حملي ۾ فوجي اڏن کي نشانو بڻايو ويو بعد ۾ هڪ بيان جاري ڪيو ويو ته حملي ۾ هڪ هٿيارن جو ڊيپو تابهه ٿي ويو جيڪو ايران جو هو.