ڀارتي اداڪار اسلام خاطر شوبز کي ڇڏي ڏنو

news

ممبئي: بالي ووڊ اداڪار ۽ ماڊل ثاقب خان اعلان ڪيو آهي ته هو شوبز کي ڇڏي دين جو رستو اختيار ڪري رهيو آهي.

ڀارتي ميڊيا موجب اداڪار فوٽو اينڊ وڊيو شيئرنگ ايپ انسٽاگرام تي ان حوالي سان هڪ تحرير لکي آهي ۽ ڪجهه تصويرون ۽ وڊيوز به شيئر ڪيون آهن.

هن لکيو ته اڄ منهنجي پوسٽ منهنجي شوبز ڇڏڻ جي اعلان تي مشتمل آهي، هاڻ آئون ائنده اداڪاري يا ماڊلنگ نه ڪندس.

هن جو چوڻ هو ته هن وقت به مون وٽ شوبز جو ڪافي ڪم آهي پر ان ۾ الله جي مرضي ناهي، يقينن ان منهنجي لاءِ وڌيڪ بهتر سوچيو هوندو.

ياد رهي ته گذريل سال بالي ووڊ جي مشهور اداڪاره ثناء خان اسلام خاطر شوبز انڊسٽري ڇڏڻ جو اعلان ڪيو هو ۽ پوءِ هن هڪ عالم دين سان شادي به ڪري ڇڏي.