مورو ويجھو ڳوٺ درس ۾ گھر اندر ناري پراسرار نموني گولي لڳڻ سبب فوت

news

مورو (رپورٽ: رزاق مستوئي) مورو ويجھو ڳوٺ درس ۾ گھر اندر ناري صائمه ڌيءَ فيض محمد ابڙو پراسرار نموني گولي لڳڻ سبب فوت ٿي وئي.

جنھن جو اطلاع درس ٿاڻي جي پوليس کي ڏنو ويو، جيڪا واقعي واري ھنڌ پھچي لاش پنھنجي تحويل ۾ وٺي تعلقي اسپتال مورو آندو جتي قانوني گھرجون پوريون ڪرڻ بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو آھي جتي ناري جي وارثن ٻڌايو ته ناري پاڻ مٿان رپيٽر جو فائر ڪري خودڪشيءَ ڪئي آھي.

جڏھن ته درس ٿاڻي جي ايس ايڇ او جو چوڻ آھي ته واقعي جي جاچ ڪري رھيا آھيون، آخري اطلاعن تائين ڪو به ڪيس داخل نه ٿي سگھيو آھي.