مورو ڀرسان زمين جي تڪرار تان کوسا برادري جي مامن ۽ ڀاڻيجن ۾ جهيڙو، عورت سميت ڇهه ڄڻا زخمي

news

مورو (رپورٽ: رزاق مستوئي) مورو ڀرسان ڳوٺ علي خان کوسو ۾ زمين جي پراڻي تڪرار تان کوسا برادري جي مامن ۽ ڀاڻيجن ۾ ٻيهر جهيڙو ٿي پيو.

گولين ۽ لٺين لڳڻ سبب ٻنھي ڌرين جا هڪ عورت سميت 06 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن ۾ مسمات شميلا ڌي گل محمد کوسو، آصف، دلشير ۽ دودو شامل آھن. ٻي ڌر جا رحمت اللہ کوسو ۽ عظيم کوسو شامل آھن، جن مان عورت کي گولي لڳڻ سبب کيس نوابشاہه اسپتال ڏانھن موڪليو ويو آھي، جڏھن ته ٻين زخمين کي تعلقي اسپتال مورو داخل ڪيو ويو آھي.

اطلاع ملڻ تي ڊي ايس پي مورو جي اڳواڻي ۾ سڌوجا ٿاڻي، مورو ٿاڻو ۽ درس ٿاڻي جي پوليس واقعي واري ڳوٺ پھچي پڪٽ قائم ڪري وڌيڪ جھيڙي تي ڪنٽرول ڪري ورتو آھي، جڏھن تہ ٻنھي ڌرين جا ماڻھو پنھنجي گھرن ۾ ھٿياربند ٿي ويٺل آھن.

آخري اطلاعن تائين ٻنھي ڌرين پاران ڪو به ڪيس داخل نه ڪرايو آھي.