جاتي ۾ ڪسٽم عملي جي ڪارروائي، منشيات هٿ، ٽي ڄڻا گرفتار

news

جاتي (رپورٽ: شڪيل احمد لوهار) جاتي شهر ۾ هلندڙ منشيات خلاف حساس ادارن جي نشاندهي تي ڪسٽم جا ڪامياب ڇاپا، 40 لکن جي منشيات برآمد، 3 ڄڻا گرفتار، ڪيس داخل.

خبر موجب جاتي شهر ۾ هلندڙ منشيات خلاف حساس ادارن جي نشاندهي تي رات دير سان ڪراچي ۽ حيدرآباد جي ڪسٽم سپرنٽينڊنٽ جوائنٽ آپريشن آفيسر جي اڳواڻي ۾ سجاول ضلعي جي مشهور منشيات فروش عبدالوهاب پٺاڻ ۽ نواز خان پٺاڻ سميت ٻين پٺاڻن جي گهرن، دڪانن ۽ گودامن تي ڇاپا هڻي وڏي تعداد ۾ گٽڪي جي سوپاري ۽ انهيءَ ۾ استعمال ٿيندڙ زهريلو ميٽريل پڻ برآمد ڪري ورتو آهي.

ذريعن کان معلوم ٿيو آهي ته برآمد ٿيل منشيات جي رقم 40 لکن کان مٿي آهي، عبدالوهاب پٺاڻ، نواز خان پٺاڻ سميت ٻين پٺاڻن جي گهرن تي ڇاپن دوران 3 ڄڻن عمر خان، نواز خان ۽ باري خان کي پڻ گرفتار ڪري مٿن ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.